سنڌ ۾ ٻارن جو پهريون سائنسي ميلو

سنڌ ۾ ٻارن جو پهريون سائنسي ميلو: سنڌ ۾ ٻارن لاءِ هي پهريون سائنسي ميلو، سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي طرفان ڇنڇر 29 اپريل 1972ع تي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ لڳايو ويو. هن ميلي جي اهتمام لاءِ ان وقت جي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن نبي بخش خان بلوچ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ويئي جنهن جو سيڪريٽري پير مظهر الحق ۽ ميمبر تاج محمد هاليپوٽو، عبدالرحمان مغل، محمد يوسف شيخ، ظفر حسن، ظفر ڪاظمي ۽ عبدالحق ابڙو مقرر ڪيا ويا هئا.
هن سائنسي ميلي جو خصوصي مهمان بلوچستان يونيورسٽي جو وائيس چانسلر جسٽس دوراب پٽيل هو. هن سائنسي ميلي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي اسڪولن مان آيل ٻارن جا جوڙيل سائنسي ماڊل ۽ تصويرون رکيون ويون هيون، جيڪي افتتاح کانپوءِ مختلف اسڪولن ۾ آيل ٻارن کي ڏيکاريون ويون. هن سائنسي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ اسڪولن ۾:
• ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي
• پبلڪ اسڪول لطيف آباد
• ڪئنٽومينٽ گرلس اسڪول، حيدآباد
ايس ڪي رحيم هاءِ اسڪول، حيدرآباد
• گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٺٽو
• گورنمينٽ گرلس ڪامپريهنسو هاءِ اسڪول، لطيف آباد
ان کانسواءِ ائگريڪلچر ڪاليج ٽنڊوڄام ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائنس جي هيٺين شعبن پڻ نمائش ۾ پنهنجا اسٽال لڳايا هئا، جن ۾ ڪميسٽري، فزڪس، باٽني، زولاجي، جيالاجي، سائيڪالاجي شعبن کانسواءِ انجنيئرنگ ڪاليج شامل هئا.
هن سائنسي ميلي جي پڄاڻيءَ تي اسڪول جي ٻارن کي
انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي آڊيٽوريم ۾ چنڊ ۽ خلا تي ٺهيل دستاويزي فلمون پڻ ڏيکاريون ويون. ان کانپوءِ اسڪول جي ٻارن لاءِ سائنس جي موضوع تي ٻئي ڏينهن مباحثي جي مجلس پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ان وقت جي صدر ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد سيد پناهه علي شاهه ڪئي. هن مباحثي لاءِ موضوع رکيل هو: ”هن ايوان جي راءِ ۾ سياستدان، سائنسدان کان وڌيڪ خدمت ڪن ٿا.“ هن مباحثي ۾ قائد ايوان، ظهير حيدر موسوي (ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي) ۽ قائد حزب اختلاف محمد سليم چنا (نور محمد هاءِ اسڪول) چونڊيو ويو هو. ان کانسواءِ هيٺين اسڪولن جي ٻارن پڻ حصو ورتو:
(1) ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان بشير احمد زرداري، شرف علي شاهه، عابد حسين شاهه، زبير واحد بلوچ، عبدالصمد پنهور، قاضي سليم.
(2) نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان بادل خان ميربحر، قبول احمد، شڪيل احمد شاهه، محمد اسلم ابڙو.
(3) سنڌ ماڊل اسڪول ٽنڊوالهيار مان حاجي اشفاق احمد، طفر اقبال.
(4) گورنمنٽ هاءِ اسڪول ماتلي مان غلام رسول نظاماڻي.
(5) گورنمنٽ ماڊل اسڪول ڀليڏنو ڪاڪا مان محمد صالح ڪاڪا، غلام مصطفى ڪاڪا.
(6) گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان نسرين ميمڻ، انجم افشان، صنوبر بلوچ، شاهين عقيلي شامل هئا.
ان کانسواءِ هال ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جا ٻار به موجود هئا، جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن مان آيا هئا. هن سائنسي ميلي جو مقصد ٻارن ۾ سائنس جي اهميت ۽ سائنسي علم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪرڻ هو ته جيئن اهي اڳتي هلي سائنسي علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن ۽ انهن ۾ سائنسي بحث مباحثي جو شعور پيدا ڪجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو